اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ج?? شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??لاقات ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??زيراعظم چيو ته ٽيڪنالاج?? شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاج?? شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زو??ز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.
ٽيڪنالاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ