اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جا??ي بيان موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي ا??ڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ حڪومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ا??ڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عوام کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي ا??ڪيمن جي ثمرن کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لا??ِ آهن.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔