اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام يقيني بڻائي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ??يڪس محتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ شڪايت ڏيندڙن جي شڪايتن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ??يڪس محتسب جي ”فوري انصاف توهان جي چائنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ??يڪس محتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسان جي خلاف تحفظ لاءِ وفاقي ??حتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ??يڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي آر، وفاقي ??يڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ??فاقي ??يڪس محتسب جو ادارو ٽيڪس گذارن جي سهولت ۽ انهن جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۽ شڪايتن جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم ??هي?? هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته ??ادرا ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن جهڙي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ??يڪس جي شڪايتن جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو ??هي?? شڪايتن جي الزالي لاءِ وقت 60 ڏينهن کان گهٽ ڪري 40 ڏينهن تي اچي ويو ??هي?? ٽيڪس نظام ۽ شڪا??تو?? داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت اچي رهي ??هي?? وفاقي ??يڪس محتسب جهڙن ادارن لاءِ ٽيڪنالاجي مددگار ثابت ٿيندي، صدر وفاقي ??يڪس محتسب ۽ ان جي ٽيم کي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته شڪايتن جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان فنڊن جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي روڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽيڪس گذارن کي جلد رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽيڪس گذارن تي زور ڏنو ته ??و ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، شڪايتن جي ازالي ۽ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ??يڪس محتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته ??سئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت ??هي?? صدر چيو ته ??فاقي ??يڪس محتسب ۾ ماڻهن جي شڪايتن جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽيڪس گذارن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ??هي?? جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ??يڪس محتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
صدر پاران ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر