اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جو نالو فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (??يٽ??) جي گري لسٽ مان نڪرڻ تي ا??له تعاليٰ جا ٿورا مڃيندي ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ا??له تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي ??يٽ?? جي گري لسٽ مان ڇوٽڪارو مليو، پاڪستان جو سر بلند ٿيڻ تي منهنجو ڪنڌ ا??له تعاليٰ جي آڏو شڪر سان جهُڪيل آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ وقار جي بحالي قوم کي مبارڪ هجي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اهو اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته ??يٽ?? ۾ شامل ملڪن جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزارت، سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ وزارتن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪ فوج، ڊي جي ايم او سميت ٻي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار تي ساراهيون ٿا ۽ مبارڪباد ڏيون ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪوم?? جي اتحادي پارٽين ۽ قائدين جا ٿورا مڃان ٿو جن ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن بڻايو، الحمدا??له نواز شريف جي دور وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي ??يٽ?? جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته اين آر او جا الزام برداشت ڪري قومي مفاد جي خاطر مخالف ڌر ۾ به اسان ان معاملي تي پورو تعاون ڪيو، اسان سدائين قومي ۽ رياستي مفاد کي ترجيح ڏني، اهو ئي سبب آهي جو ا??له تعاليٰ اڄ اها ڪاميابي عطا فرمائي. هن چيو ته گري لسٽ مان ڇوٽڪاري جا پاڪستان جي معيشت، سفارت ۽ سياست تي مثبت اثر پوندا، ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ وڌيڪ به خوشخبريون اينديون.
پاڪستان جو نالو فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عظيم قربانين جو اعتراف آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب