اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد ??هي?? شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون اد رکيون وينديون، شهيدن جي قربانين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 23 ڊسمبر تي آئي ٽين، اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل سيد عديل حسنين جي گهرڀاتين س??ن فون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن 25 ڊسمبر تي ڪوهلو، بلوچستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ??اڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن محمد فهد خان ۽ سپاهي اصغرالدين جي پونئيرن س??ن فون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي محمد شمعون ۽ لانس نائيڪ محمد امتياز جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن جي خاندانن جي وطن جي لاءِ قرباني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. صدر سمورن شهيدن کي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ جان جي قرباني پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته شهيدن جي ملڪ کي دهشتگردي کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ياد رکيون وينديون، پوري قوم دهستگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد ??هي?? شهيدن جي قربانين جي ڪري اسان دهشتگردي کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين. صدر پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ