اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪ??رڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري ب??ان موجب هن ??هڙ?? خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪ??رڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪ??رڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪ??رڪ جي وفد نگران وزي??اع??م ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪ??رڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ڪراچي اليڪ??رڪ کي درپيش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي ب??يادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزي??اع??م گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪ??رڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪ??رڪ جي سي اي او حڪومت پا??ان ڪمپني کي درپيش مسئلن جي ترجيحي ب??يادن تي حل تي نگران وزي??اع??م ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي ب??ا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪ??رڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزي??اع??م هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪ??رڪ ترجيحي ب??يادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون