اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نگران ڪابينا ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس ??ي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ پا??ستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي پنهنجي گهر پا??ستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي، پا??ستان جي عوام ۾ بي ??ناهه صلاحيت آهي. نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا ۽ عملي جي ڀرپور معاونت کي ساراهيو. هن نگران ڪابينا ??ي سمورن ساٿين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ هائوس ??ي سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. پرنسپل سيڪريٽري، ڊي ايم ايس ۽ ٻئي مددگار اسٽاف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ۽ وزارتن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۾ پرنسپل سيڪريٽري جو ڪردار انتهائي اهم رهيو. ڪابينا سيڪريٽري جنهن انداز ۾ ذميواريون سرانجام ڏنيون ان تي هو خراج تحسين جو مستحق آهي. ملٽري سيڪريٽري بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون. هن چيو ته ڪابينا سيڪريٽري ۽ ٻين قابل بيوروڪريٽس جي موجودگي اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جنهن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. مون کي پا??ستان سان محبت آهي. هن چيو ته اسان پا??ستان کي عالمي دنيا ۾ نمايان مقام ڏيارڻو آهي. پا??ستان بابا بلهي شاهه، شاهه عبداللطيف، خوشحال خان جي ڌرتي آهي، پا??ستان مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز آهي جنهن جي پنهنجي منفرد سڃاڻپ آهي.
منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي پنهنجي گهر پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات