اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي ??رداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. اسان قائداعظم محمد علي ??ناح جي ا??ليتن جي حقن ۽ مذ??بي آزادين جي تحفظ لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم ??هڻ جو عزم ورجايون ٿا. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت اقليتن جي ڏهاڙي 11 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ??رد??ر جي مڃتا طور اقليتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. قائداعظم محمد علي ??ناح جي ا??ليتن جي حقن ۽ مذ??بي آزادين جي تحفظ جي لاءِ ڪيل 11 آگسٽ 1947ع واري واعدي تي قائم ??هڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ملڪي آئين ۾ ضمانت طور ڏنل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تي تسليم ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ پنج سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جي ٻنهي ا??وانن ۾ پڻ اقليتي برادري جي لاءِ سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي ريت غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مالي ??هائتا ۽ شادين لاءِ گرانٽس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. صدر وڌيڪ چيو ته اقليتي برادرين جي شاگردن کي تعليمي وظيفا، عبادتگاهن جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ فنڊن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان پنهنجي ا??ليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي، معاشري جا سمورا طبقا جن ۾ مذ??بي اسڪالرز، اقليتي نمائندا ۽ ميڊيا شامل آهن، ماڻهن کي ا??ليتن جي حقن جي باري آگاهي ڏين. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط ملڪ بنائڻ لاءِ بين المذا??بي هم آهنگي، محبت، رواداري، ڀائپي ۽ اتحاد جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪندو. صدر مملڪت آصف علي ??رداري ا?? يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جون اقليتون ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو هاڪاري ??رد??ر ادا ڪنديون رهنديون.
هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق بنا پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري جو اقليتن جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا