اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آ??اد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ??نداسين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چيو ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آ??اد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ??نداسين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اُٿارينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ حج خرچ بنگلاديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا و??ن ٿا. هن چيو ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏ??و، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪنداسين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي ??زارت کي به چونداسين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.
سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي: مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada