واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن اتحادين کي يقين ڏياريندي چيو آهي، ته يوڪرين لاءِ آمريڪا جي مدد جاري رهندي، وائيٽ هائوس ۾ رمارڪس ڏيندي جوبائيڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آهي، ته جلد کان جلد امدادي پئڪيج تي ڳالهايو ويندو، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن جي اڪثريت يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي حمايت ڪ??ي ٿي. واضح رهي ته يورپي يونين ي پاليسي چيف جوزف بوريل يوڪرين جي دوري دوران چيو هو ته يوڪرين جي مدد لاءِ هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت جاري رهندي. گذريل هفتي ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملا??ات ڪئي. صدر زيلنسڪي ملا??ات دوران چيو ته يوڪرين جنگ کٽي رهيو آهي جڏهن ته اضافي امداد تمام ضروري آهي. ملا??ات بعد سينٽر چڪ شومر يوڪرين جي صدر جي حوالي سان چيو هو ته جيڪڏهن کين امداد نه ملي ته هو جنگ هارجي ويندا.
ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں