بڊاپسٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) هنگري جي مرڪزي ۽ اولهه وارن علائقن ۾ شديد برفباري سبب زندگي جو ڪاروهنوار درهم ب??هم ٿي ويو ۽ روڊن، ريلوي لائنن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ متاثر ٿي. هنگري جي ڊيزاسٽر منيجمنٽ بابت نيشنل ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٻڌايو ته شديد برفباري سبب وڻ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي رستن تي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيون. ڪمپني ايم اي وي چيو آهي ته ملڪ جي اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ٽ??ينن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي آهي. ان صورتحال ۾ ٽ??ينن ۽ بسن جي مسافرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو ??يو. رپورٽ مطابق گادي واري شهر فرينڪ لزٽ بين الاقوامي هوائي اڏي تي اڏامن جي اچ وڃ ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. اختيارين مطابق گادي واري شهر سميت متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا