گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجهند جو ??يندو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي گذارش تي ??ڏايو ويو آهي.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو ??تن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي ??نساني بنيادن تي ??نگ بندي جو ??طالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي ??اري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اها خونريزي فوري طور تي ??ند ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي ??ڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن جي جنرل اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي ??ه انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل ??نگ بندي جو ??طالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina