اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان احتساب تحريڪ هلائڻ کان اڳ پنهنجي اڳوڻي ڊي جي احتساب ڪميشن جي چارج شيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ چندي ۾ گهپلن جو جواب ڏي، عمران خان عوام جي خدمت جي ايجنڊا تي ڌيان ڏي نه ته 2018ع جي چونڊن ۾ سندس سياست ختم ٿي ويندي. مختلف ٽي وي چينلن سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نش??يات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان جي سياست جو خاتمو ٿ?? ويندو، هو احتساب جي تحريڪ هلائڻ جو جواز وڃائي چڪو آهي ۽ عوام به سندس الزامن کي رد ڪيو آهي، جيڪڏهن هو سچو هجي ها ته عمران خان جو ڪنٽينر پويان هجي ها ۽ عوام اڳيان هجي ها.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر