اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وار?? مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بدعنواني کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ الي??شن ڪميشن جو ڪم آهي، الي??شن ڪميشن سين??ٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سين??ٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي ع??ام انهن کي رد ڪري. سينيٽ الي??شن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان الي??شن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ الي??شن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 الي??شن ڪميشن کي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنواني کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ