اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جديد ترين آن لائين ويزا نظام جاري ڪرڻ دنيا لاءِ هڪ پرامن ?? پراعتماد پاڪستان جا دروازا کولڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، نئون ويزا نظام پاڪستان جي اعتماد جو مظهر آهي، سيڙپڪارن، سياحن، ڪاروباري ماڻهن ۽ شاگردن جي لاءِ پاڪستان اچڻ ۾ سهولت پيدا ڪري رهيا آهيون جنهن سان سياحت، معيشت ۽ ٻين شعبن ۾ وسيع موقعا ??يدا ٿيندا، ملڪ ۾ سيا??ت جي فروغ لاءِ جديد طريقن کي ڪتب آڻي رهيا آهيون، سياحتي ماڳن جي نقشاسازي ۽ ويب سائيٽ جي تياري سميت موثر ح??مت عملي جوڙي رهيا آهيون، سيا??ت جي فروغ ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي متحرڪ ڪنداسين، هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان آن لائين ويزا نظام جو افتتاح ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں